پير جو ڪنب

پير جو ڪنب: هيءُ ماڳ تعلقي قنبر ديهه ڪوهستان جي ستيا نئن ۾ واقع آهي. هنن پهاڙين تي هرڻ نما جانورن جون تصويرون اڪريل مليون آهن. ڀائنجي ٿو ته هتي جانورن جو شڪار ڪيو ويندو هو. انهن مان اها به خبر پوي ٿي ته آڳاٽي قوم فن مصوري ۽ شڪار ۾ به خاصي مهارت ۽ دلچسپي رکندي هئي، هي به تمام قديمي ماڳ آهي. هن ڪنب ۾ستا نئن جو پاڻي جمع ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو